سرور سخيراڻي

سرور سخيراڻي: ناميارو فنڪار ۽ موسيقار سرور سخيراڻي، 1969ع ڌاري دادو ضلعي جي ڳوٺ تاجي پنهور، ڦلجي اسٽيشن ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان؛ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۽ انٽر تائين تعليم استاد بخاري ڊگري ڪاليج، دادوءَ مان حاصل ڪيائين. هن 19 ورهين جي ڄمار ۾ 1988ع ڌاري ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ جي سکيا استاد محمد حسين مغل کان ورتائين. هن جي پهرين آڊيو ڪئسٽ 1989ع ۾ پارس پروڊڪشن طرفان رليز ٿي. ان کانسواءِ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان به سندس ڪيترائي گيت رڪارڊ ٿيا. سرور سخيراڻيءَ جو آواز نامياري راڳيءَ منظور سخيراڻيءَ سان ملندڙ جلندڙ هو. سندس آواز کليل ۽ صاف هوندو هو. آواز ۾ ڪافي درد سمايل هوندو هو. سرور سخيراڻيءَ جو شمار سنڌ جي ناليوارن راڳين ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪيترائي گيت ’هل ته هلئون دلڙي‘، ’مطلب جا سڀ ماڻهو او يار، ڪير ٿو ڪنهن جي لاءِ مري‘ وغيره بيحد مقبول ٿيا.
سرور سخيراڻيءَ کي 1998ع ڌاري وات جو ڪينسر ٿي پيو، جنهن سبب بيماريءَ جي بستري تي رهيو. ڪئسٽ ڪمپنيءَ پاران آخري ٻه ڪئسٽون سندس امداد طور رليز ڪيون ويون، جن جا سمورا پئسا سندس بيماريءَ تي خرچ ڪيا ويا. سرور سخيراڻيءَ شاهه لطيف، سچل سرمست، انور قمبراڻيءَ سميت ٻين شاعرن جي شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هيءُ فنڪار 1999ع ڌاري وفات ڪري ويو.


لفظ سرور سخيراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو